اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ ب??سن??ا هرزيگووينا جي پريزيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سمورن شعبن خاص طور تي معيشت، واپار، سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، دفاعي ص??عت ۽ تعليم ۽ ثقافت ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان ب??سن??ا هرزيگووينا جي پريزيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جا ب??سن??ا هرزيگووينا سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن.