اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصر پاڪ فوج کي ڪم??ور ڪرڻ جي لاءِ پروپئگنڊه ڪري رهيا ??هن، فوج نه هجي ها ته پاڪستان جو حال به عراق، افغانستان، يمن ۽ شام سميت ٻين مسلمان ملڪن وانگر هجي ها، اڳوڻين حڪومتن عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان کليل بدديانتي ڪئي، ادارن ۾ پنهنجي پسند جي ماڻهن کي ويهاري اهڙو نيٽ ورڪ ٺاهيو جيڪو بدعنوانين ۾ انهن جي لاءِ سهولتڪاري ڪندو هو، ملڪ کي اڳت?? وٺي وڃڻ بدران اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اڳت?? وٺي ويا. پي ٽي وي جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ان جي سڄي فيملي ڪاروبار ڪندي هجي اهو ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، اڳوڻين حڪومتن تعليم ۽ صحت جي شعبن سميت عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪو ڪم نه ڪيو.