اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ام??ر ملڪن کان غيرقانوني طور منتقل ٿيل ۽ ڦريل دولت فوري طور تي واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن کي چوري ٿيل سندن دولت واپس ڪئي وڃي، مني لانڊرنگ ۽ دولت جي چوري سان اسرندڙ ملڪن ۾ غربت وڌي رهي آهي، اها رقم بدعنوان اشرافيه هڙپ ڪري وڃي ٿي، ڪجهه مصلحتن جي ڪري ام??ر ملڪ ڏوهاري سرگرمين جي خاتمي لاءِ سياسي اراد?? جي قوت کان عاري آهن، ان عمل جو رستو نه روڪيو ويو ته ام??ر ۽ غريب قومن جي وچ ۾ اڻ برابري وڌندي، دنيا ۾ عالمي بحران پيدا ٿيندو، مني لانڊرنگ ۽ انهن جي م??د ڪندڙن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن، ڀارت پاڪستان ت?? جيڪڏهن ڪا جارحيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، اسان ڀارت جي م??لسل جنگبند?? جي خلاف ورزين ۽ اشتعال انگيز?? جي باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو آهي، ڪشمير کي صحيح طور تي نيوڪليئر فليش پوائنٽ چيو وڃي ٿو، اسان تنقيد جي باوجود ڪورونا کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي ۽ ان جا لاڀائتا نتيجا مليا آهن، اسان غريب عوام سميت پنهنجي م??يشت کي ??ڏي نقصان کان بچايو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي 75 هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي ??ڪ ڀيرو ٻيهر خطاب ڪندي خوشي م??سوس ٿي رهي آهي.