اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان القادر يونيورسٽي جي تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪ??دي چيو آهي ت?? ڄاڻايل يونيورسٽي ۾ نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد تعليم جي پڻ منصوباب??دي ڪئي وڃي ت?? جيئن شاگردن کي موجوده وقت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي ت??ار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيرت النبي صه ۽ صوفين جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان تعمير ڪئي ويندڙ القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز، بئريسٽر علي ظفر، برگيڊيئر (ر) جميل سرور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ هئا. وز??راعظم کي القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وز??راعظم ميڊيا آفيس موجب وز??راعظم عمران خان اسلامي قدرن ۽ صوفين جي تعليم جي فروغ جي اهميت تي زور ڏي??دي چيو ته معاشري جي اصل روح ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ت?? نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم کان روشناس ڪرايو وڃي.