اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ جي ئي ڏينهن 13 جولاءِ 1931ع تي 22 ڪشمير??ن شهادت ماڻي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشمير جي آزادي جو سج اڀرندو. ڪشمير جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڊوگرا راڄ ۽ هاڻي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خ??اف ڪشميرين جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. شهيدن ??ون قربانيون رائيگان نه وينديون، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشمير جي آزادي جو سج اڀرندو.