اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪوورنا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، هڪ لک 29 هزار 830 م??ڻهو ڪورونا کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن، گلگت بلتستان ۾ ڪو مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 هزار 527 ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3191 وڌيڪ مثبت ڪيسز رپورٽ ٿ??ا جڏهن ته 91 ڪورونا متاثرين فوت ٿي ويا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 2 لک 28 هزار 474 تصديق ڪيسز سامهون آيا آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1288، بلوچستان جا 10 هزار 766، گلگت بلتستان جا 1545، اسلام آباد جا 13 هزار 409، خيبرپختونخواهه جا 27 هزار 843، پنجاب جا 81 هزار 317 ۽ سنڌ جا 92 هزار 306 مريض شامل آهن. هيستائين مجموعي طور تي 4 هزار 712 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين 13 لک 98 هزار 152 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. 729 اسپتالن ۾ 5130 م????ض علاج هيٺ آهن.