اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فر??ز چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ سان گڏوگڏ معاشي استحڪام جي لاءِ هڪ ٺوس پاليسي جوڙي وئي آهي جنهن تي وزيراعظم ع??را?? خان جي حڪومت پوري طرح عمل ڪري رهي آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي جنهن کي مالياتي مسئلا درپيش آهن ۽ مڪمل لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ملڪي معيشت تي نقصانڪار اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪوويڊ 19 هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ وزيراعظم ع??را?? خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پالسي کي دنيا ساراهيو آهي. هن چيو ته جاري عالمي وبا دوران وزيراعظم ولولي انگيز قائداڻي صلاحيتن جو مظا??رو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو بحث نه آهي ڇو ته موذي وائرس جي اهڙي صورتحال نه آهي.