اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي حق تي پڪو يقين رکي ٿي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي مسئلن جو حل اسان جي اولين ترجيح آهي، رهتن جي ادائيگي ??ي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهار?? سان ڳنڍيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي عهديدار?? سان وڊيو ڪانفرنس ذريعي ملاقات دوران ڪيو.