اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بي سهارن غريبن کي ڇت ۽ کاڌو فراهم ڪري رياست پنهنجي ذم??دا??ي پوري ڪري رهي آهي، سخت سردي ۾ ڏڪندڙ بي گهر ماڻهن لاءِ سائبان جي فراهمي وزيراعظم عمران خان جي احساس جو مظهر آهي، (ن) ليگي ترجمانن جو پناهگاهن کي هروڀرو تنقيد جو نشانو بڻائڻ غريب دشمني آهي. سومر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سخت سردي ۾ ڏڪندڙ بي گهر ماڻهن لاءِ پناهگاهن جي دستيابي ??زيراعظم عمران خان جي احساس جو مظهر آهي.