اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال، قانوني ۽ آئيني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهائين??ي وزيراعظم عمران ??ان چيو ته پرامن ۽ سياسي احتجاج سمورين پارٽين جو آئيني حق آهي.