ڪوئيٽا-08 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪمي??ي سان ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي سامهون آئي آهي، مسئلي جي جلد لاءِ پرُاميد آهيون، چمن مسئلي جي حل لاءِ ون ڊاڪيومينٽ رجيم تي عملدرآمد لاءِ چمن جي شهرين کي ??هر??ون ڀيرو مفت پاسپورٽ ڏنو ويندو. اهڙو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بلوچ يڪجهتي ڪمي??ي سان ??هر??ن ڏينهن کا?? ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، هاڻ به ڳالهين جو مرحلو هلي رهيو آهي، صوبائي حڪومت ان ڳالهه تي قائل آهي، آئين پاڪستان جي اندر رهندي جمهوري جدوجهد ڪندڙن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو نالو وٺڻ کا??سواءِ هن چيو ته گوادر ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن جلد ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍيو ويندو