ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ميڊيا جمهوريت جي چوٿين ٿنڀ جو ڪردار ادا ??ري رهي آهي، آزاد ۽ خودمختيار ميڊيا جي حمايت ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن گورنر هائوس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي ڀلائ?? بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايتن تي ميڊيا هائوسز ۽ اخبارن جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ قدم کنيا. هن چيو ته هو ج??د ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ??ري صحافين سان تفصيلي ملاقات ڪندو. ان مو??عي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ جنرل سيڪريٽري شعيب خان اطلاعات واري وفاقي وزير کي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ جنرل سيڪريٽري شعيب خان کي ڪراچي پريس ڪلب جي لاءِ 10 لک رپين جو چيڪ پڻ ڏنو.