مڪو شريف – 04 جنوري (اي پي پي) سعودي ??رب جي ??ياحت واري وزارت جي ??اچ ٽيمن مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ سياحن کي مقرر سهولتون فراهم نه ڪ??ڻ تي 330 هوٽلن ۽ ف??نشڊ اپارٽمينٽس کي بند ڪري ڇڏيو آهي. سعودي اخبار 24 مطابق سياحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته جاچ ٽيمن مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ هوٽلن ۽ ف??نشڊ اپارٽمنٽس جا 4 هزار کان وڌيڪ جاچ دورا ڪيا. جاچ ٽيمن 2 هزار کان وڌيڪ ??ڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون. ضابطي جي ڪاروائي ڪندي نوٽس جاري ڪيا ويا جڏهن ته سنگين ڀڃڪڙين تي هوٽلن کي بند ڪيو ويو. مڪه مڪرمه ۾ 280 جڏهن ته مدينه منوره ۾ 50 کان وڌيڪ هوٽلن ۽ اپارٽمنٽس کي بند ڪيو ويو. انتظاميا کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته ڀڃڪڙيون ختم ڪرڻ کانسواءِ هوٽلن کي کولي نٿو سگهجي.