اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۽ ٻين علائقن ۾ دهشتگردن جي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سختي سان منهن ڏينداسين، دهشتگردي جو مسئلو قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، گڏيل سوچ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي. وزراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم چيو ته رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جهڪندي، دهشتگردن کي آئين ۽ قانون موجب منهن ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت دهشتگردن جي ٻاهرئين س??ول??ڪاري ۽ پناهگاهن جو خ??تم?? به ڪندي، پوري قوم دلير فوج سان گڏ دهشتگردي جو خ??تم?? ڪري رهندي. وزراعظم دهشتگردي جي خلاف ڪم ڪندڙ فورسز جي جذبي ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دع?? ۽ علاج جي بهترين س??ول??ون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، رد الفساد ۽ ضرب عضب دهشتگردي جي خ??تم?? لا??ِ اهم قدم هئا. هٿياربند فوج، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جون عظيم قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. امن امان ??ي بنيادي ذميواري صوبن جي آهي پر وفاق ان ??نگين مسئلن تي اکيون بند نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مقابلي لا??ِ صوبن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. دهشتگردي جي خ??تم?? لا??ِ نيشنل ايڪشن پلان ??ي مڪمل عملدرآمد ڪرائينداسين. صوبائي حڪومت جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافو دهشتگردي جي خ??تم?? ۾ اهم آهي. وزيراعظم چيو ته وفاق صوبن ۾ دهشتگردي جي خ??تم?? واري فورس ۽ ڊپارٽمينٽ جي پيشوراڻي صلاحيت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندو. خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي نئين سر جوڙجڪ تي ڪم ڪنداسين. پنهنجي فورسز جون سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين، جديد هٿيارن جي فراهمي ۽ پيشيواراڻي تربيت تي ڌيان ڏنو ويندو.