گڏيل قومون -07 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سي??ري??ري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته هو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران عالمي برادري کي پاڪستان لاءِ وڏي پئماني ت?? امداد جي اپيل ڪندو. چين جي خابرو اد??ري مطابق گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جو ٽيون حصو ٻوڏ سبب متاثر ٿيو آهي ۽ هو پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جي اظهار ?? عالمي برادري ??ان وڏي پئماني تي مدد جي اپيل لاءِ پاڪستان وڃي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن وقت پاڪستان کي عالمي برادري طرفان ڀرپور امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته هوءَ عالمي برادري کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فور?? امداد جي اپيل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت يو??ري?? جنگ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي اها اصل جنگ وسري وئي آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ئي اصل جنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان چاڊ، آفريقه جيڪي سوڪهڙي جو سبب بڻجي رهيا آهن اتي هن وقت سڀ ??ان وڏو خطرو جنهن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي اهي موسمياتي تبديلين جا اثر آهن. هن چيو ته جيڪا صورتحال اڄ پاڪستان کي درپيش آهي سڀاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ سان به پيش اچي سگهي ٿي. هن چيو ته موسمياتي تبديليون هن دور جو سڀ ??ان وڏو اهم مسئلو آهن ۽ان کي عام مسئلو سمجهي، عام انداز سان حل ڪرڻ جي سوچ خودڪشي هوندي.