ڪالام – 31 8211; آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف ڪالام ۾ ڦاٿل جرمن سياح خاندان سميت ٻين سياحن کي فوري طور ڪڍڻ لاءِ فوري طور هيليڪاپٽر فراهم ??ندي، هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ا??ف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، و??ير??عظم جيڪو ڪالهه خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جي دوري تي پهتو، تنهن اتي موجود سياحن سان ملاقات به ڪئي. انهن کي ملندڙ سهولتن جو جائزو به ورتو و??ير??عظم سياحن ۽ ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ آئون خيبرپختونخواهه جي دوري تي آيو آهيان ماڻهن سان مليو آهيان، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هتي رليف سينٽر ۾ عورتن، ٻارن سميت ڪافي سياح به موجود آهن، انهن کي انهن جي گهرن تائين پهچائينداسين، پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر انهن کي ڪڍي رهيا آهن، هتي ڦاٿل سمورن سياحن کي ڪڍي وٺنداسين، و??ير??عظم جرمني مان آيل سياح خاندان سان به مليو. کيس ٻڌايو ويو ته هتي 600 کان 700 تائين سياح اڃا موجود آهن جن کي سڀاڻي تائين ڪڍيو ويندو. و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته وڏي مشينري سان بحالي جو ڪم جاري آهي. اسان جي پهرين ترجيح رستن جي بحالي آهي. و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته مدين، بحرين، سيدو شريف ۽ ڪالام ۾ ڪيتريون ئي پليون ۽ رستا تباهه ٿيا. و??ير??عظم اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته رستن کي جلد بحال ڪيو وڃي. ڪالام ۾ ڦاٿل سياحن کي فوري ڪڍيو وڃي. و??ير??عظم هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ا??ف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو. اتي ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ جي لاءِ فوري هيليڪاپٽر فراهم ??رائي ڇڏيو.