اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي وڌيڪ بلن جي حو??لي سان عوامي شڪايتن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان فوري تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير، خاص معاون احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام جي شڪايتن جي از??لي تائين سک سان نه ويهندس. خادم پاڪستان عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي عوام آڏو جوابده آهي. آئون پنهنجي عوام سان سدائين سچ ڳالها??ڻ جي وچن تي قائم آهيان. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بجلي جي بلن جي حو??لي سان عوامي شڪايتن تي ترجيحي بنيادن تي تفصيلي رپورٽ ۽ سفارشون جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.