اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي و??ير خواجه محمد آصف ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معامل?? واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان ڪشمي??ين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو ڀارت پارا?? والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس کان ڊي چوڪ تائين نڪتل ريلي کي خطاب ڪري رهيا هئا. دفاع واري وفاقي و??ير چيو ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي ڪشمير جو پاڪستان سان رشتو ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ آهي. اسان هڪ قوم جي حيثيت سان ان عزم جو ورجاءُ ۽ تجديد ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪشمير سان اسان جو عزم لازوال آهي، ان ۾ ڪڏ??ن به گهٽتائي نه ايندي، ڪشمير ڪڏ??ن ان ۾ گهٽتائي نه ڏسندو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اڄ مظاهرا ٿي رهيا آهن پر اهو ڪافي نه آهي، ڪشمير جو مسئلو 75 سالن کان هڪ زخم آهي ۽ ان زخم تي مرهم رکڻ پاڪستاني عوام جو عزم آهي، رڳو مخصوص ڏينهن ۾ احتجاج تائين محدود ناهي رهڻو، پاڪستان جي عوام ان ۾ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ڪشمير ڪاز جي لاءِ اسان جي فوج جنگيون وڙهيون، هو ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي پهرا ڏئي رهيا آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪ??يون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستانين کي ڪشمي??ين سا?? وابستگي کي بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ آهي. ان موقعي تي و??يراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معامل?? واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته هي ريلي ڪڌا ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ جيڪي 70 سالا تي ٻڌل آهي پر ڪشمي??ين جو جذبو هر حربي جي باوجود گهٽ ناهي ٿيو، جيڪي قومون اهو جذبو رکنديون آهن انهن کي دٻائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته ڪشمي??ين جو حوصلو ٽوڙڻ ۾ ناڪامي تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير جي آئيني ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪري ان جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪ??ي و??ي. پاڪستان ۾ هر حڪومت ان عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن وقت هن ڪيس کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ عالمي فورمن تي اٿارڻ ۽ پنهنجي نوجوان نسل کي ان تڪرار بابت آگاهي جي ضرورت آهي. اسان کي عالمي دنيا کي وڌيڪ جهنجوڙڻ ۽ بار بار اهو ڪيس پيش ڪ??ڻو آهي. حڪومت، ميڊيا، پرڏيهي و??ارت کي ان ڪيس کي جارحاڻي انداز ۾ اٿارڻو آهي، ڀارت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڪشمي??ين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڪشمي??ين جي آزادي جي جدوجهد تائين پاڪستان جي حمايت جاري رهندي. ان جذبي کي جاري ۽ ساري رکڻو آهي. پنهنجي نوجوان نسل کي ان مسئلي ۽ ان جي پاڪستان جي لاءِ اهميت کان آگاهه ڪرڻو آهي. اها پڄاڻي پاڪستان جي جدوجهد آهي. ان موقعي تي حريت قيادت، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ موجود هو.