اسلام آباد – 02 – ??گس?? (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري و??اق?? وزير سيد خورشيد احمد شاهه ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جي خلاف ظالماڻا قدم مذمت جوڳا آهن، ??ال??ي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ??رڻ ۽ دنيا جو ڌيان واديءَ ۾ ڪشميري عوام تي ڪيل ظلمن طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين. 5 ??گس?? تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير مسئلو 75 سالن کان حل نه ٿي سگهيو، ??ال??ي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ??رڻ ۽ دنيا جو ڌيان واديءَ ۾ ڪشميرين تي ڪيل ظلمن طرف ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان آخري دم تائين اها ڪوشش جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان جو اسلامي ۽ اخلاقي فرص بڻجي ٿو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي لاءِ دنيا جي هر فورم تي نه رڳو آواز اٿاريون پر ??ال??ي ضمير کي جنجهوڙڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون. خورشيد شاهه ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ??رڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي انتها ٿي چڪي آهي، ان جي خاتمي لاءِ اسان کي انسانيت جي نالي تي ??ال??ي برادري جي ضمير کي بيدار ??رڻ ۽ تڪرار جي پائيدار ۽ پرامن حل جي لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائڻو پوندو. هن چيو ته ڪشميرين جو موثر آواز بڻجڻ جي لاءِ اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙو طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو.