اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??وم کي فيٽف جون شرطون پوريون ٿيڻ ۽ وائيٽ لسٽ ۾ ??اڪ??تان جي واپسي جي راهه هموار ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ”ٽيم ??اڪ??تان“ کي مبارڪباد هجي جنهن ??اڪ??تان جي لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي، گري لسٽ مان ??اڪ??تان جو نالو ڪڍرائڻ جي قومي ڪوشش ڪندڙ سموري سول ۽ ملٽري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي به مبارڪباد ڏيان ٿ??، سندس قيادت ۾ ٽيم کي اها اهم ڪاميا??ي ملي، عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري لسٽ مان ??اڪ??تان جو نالو ڪڍرائڻ جي عمل تي مبارڪ، ??اڪ??تان کي ملندڙ ان وڏي ڪاميابي تي توهان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جي قائم ڪيل ”ڪور سيل“ ??اڪ??تان جي ان اهم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کانپوءِ ??اڪ??تان جو نالو گري لسٽ مان نڪري ويندو، گري لسٽ مان ??اڪ??تان جو نالو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ايندڙ وقت ۾ ??اڪ??تان کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون. هن چيو ته جنهن ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان گري لسٽ مان ??اڪ??تان جو نالو ڪڍرائڻ جي ڪوشش ٿي، اها ئي قومي ڪوشش معيشت جي بحالي لاءِ به ڪري رهيا آهيون، قوم کي مايوسي، نااميدي ۽ معاشي اب??ڙي مان ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي طرف واپس آڻينداسين.