اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) 82 هين پاڪستان ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي شڪر پڙيان پر??د ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ هٿياربند فوج جي گڏيل پر??د ۽ مارچ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم عمران خا، ??فا?? وارو وفاقي وزير پر??يز خٽڪ، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن، ڪابينا جي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن ۽ پاڪستان جي لاءِ نمايان خدمتن تي تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ٻين مهمانن هٿياربند فوج جي گڏيل پر??ڊ جو مظاهرو ڪيو. سعودي عرب، ترڪي، ازبڪستان، آذربائيجان ۽ بحرين سميت دوست ملڪن جي دستن پڻ پر??ڊ ۾ شرڪت ڪئي. هٿياربند فوج جي دستن صدر، وزيراعظم، ??فا?? واري وزير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس کي سلامي ڏني. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پر??ڊ ۾ شامل فوجي دستن جو معائنو پڻ ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهها يئر چيف مارشل ظهير احمد تازو ئي پاڪ فضائيه جي فضائي ٻيڙي ۾ شامل ٿيندڙ نئين جي – 10 سي جيٽ جهازن سميت پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن جي مختلف فارميشنز جي فلائي پاسٽ جي قيادت ڪئي. پر??ڊ ۾ آرمرڊ ڪور، آرٽلري، رينجرز، ايئر ڊفينس، ڪوسٽ گارڊز، آرمڊ فورسز نرسنگ سروس جي عورت دستن، پاڪ بوائز اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز پڻ حصو ورتو.