اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، ملڪ ۾ يونيورسل ايمرجنسي هيلپ لائين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام جي لاءِ هنگامي مدد جو اهم ا??ار?? هوندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين (پي اي ايڇ اي ايل) 911 جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر ??هباز گل، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن جي چيئرمين انجنيئر معراج گل، نيشنل انفارميش?? ٽيڪنالاجي بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ??يد حسنين عباس ڪاظمي ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر عمل??ار?? شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم عمران خان سمورن لاڳاپيل عمل??ار?? کي هدايت ڪئي ته اهي رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ان سروس جي حقيقي شروعات کان اڳ هيلپ لائين جي آزمائشي ۽ سافٽ لانچ جي ذريعي ان کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فعال بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته هنگامي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارا فائربرگيد، پوليس، طبي معاونت، قدرتي آفتن کان بحالي ۽ موٽروي پوليس سميت خدمتون فراهم ڪندڙ سمورن 36 انفرادي ايمرجنسي نمبرز کي پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين 911 ۾ ضم ڪيو ويندو. ڪو به ضرورتمند شخص 911 تي ڪال ڪندو ۽ ڪال سينٽر ??ن جي ڪال کي لاڳاپيل حڪومتي ا??ار?? ڏانهن موڪليندو. ڊيجيٽل پاڪستان قدم جي حصي طور اهو انفارميش?? ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وزارت ۽ گهرو وزارت جو گڏيل منصوبو آهي. نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن ۽ انفارميش?? ٽيڪنالاجي وزارت جو نيشنل انفارميش?? ٽيڪنالاجي بورڊ ان منصوبي کي آساني سان مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري فني معاونت ۽ انفراسٽرڪچر فراهم ڪندو جڏهن ته گهرو وزارت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مختلف ايمرجنسي ريسپانس سروسز جي لاءِ رابطي جي ذميوار هوندي.