اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت جي قدمن تي مقرر ڪيل مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم کي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي، بولان ۽ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي مڪمل طور تي فعال ٿي چڪا ۽ اتي صنعتن جي تعمير تي تيزي سان ڪم ج??ري آهي، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زونز تي به ڪم تيزي سان ج??ري آهي ۽ ان کي جلد فع??ل بڻايو ويندو، اجلاس کي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ صنعتن لاءِ موجود زمين ۽ 130 ڪمپنين کي صنعتن جي تعمير لاءِ 1500 ايڪڙ زمين جي 2021ع ۾ منظوري ۽ الاٽمينٽ جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فع??ل اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي، وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت جي قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ج??ري ڪيون. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، قومي سلامتي و??ري صلاحڪار معيد يوسف، سيڙپڪ??ري بورڊ جي چيئرمين اظفر حسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.