اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2030ع تائين ملڪ مان ٽي بي جي ??اتمي جو هدف پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدمن جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بيمارين بابت آگاهي وڌي رهي آهي، ٽي بي جي مرض جي وقت سر تشخيص سان علاج ممڪن ۽ زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، ميڊيا آگاهي مهم ۾ هڪومتي ڪوششن جو ڀرپور ساٿ ڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ٽي بي جي ??اتمي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ عالمي ادارن جي نمائندن، پارليامينٽ ميمبرن، طبي ماهرن ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ٽي بي جو ماضي ۾ علاج موجود نه هو، ٽي بي اهڙو مرض نه آهي جنهن کي لڪايو وڃي، تازي عرصي دوران صحت جي ??عبي ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن، پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ٿي چڪا آهيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته افغانستان ۾ به پوليو تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، غذائي کوٽ به هڪ اهم مسئلو آهي. صدر چيو ته عالمي ادارن ٽي بي جي ??اتمي لاءِ وڏو تعاون ڪيو، صحت ڪارڊ غريبن جي لاءِ وڏي نعمت آهي. صدر چيو ته چين ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، پاڪستان کي ڪورونا جي ??ثرن کان بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بهترين حڪمت عملي سان ڪورونا وبا تي ضابطو آندو، امي?? آهي ايندڙ سالن ۾ ٽي بي جي مريضن جي ??نگ ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته ٽي بي جي ??والي سان آگاهي پکيڙڻ جي ??رورت آهي، بيمارين کان تحفظ بابت عوامي آگاهي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ادارا ڪوششن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن، حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بنائيندي ته عوام کي صحت جا بهتر موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ بريسٽ ڪينسر ۽ ٻين بيمارين بابت پڻ آگاهي وڌي رهي آهي، ميڊيا بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ماضي ۾ پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ڳالهه ڪرڻ به مشڪل هو جنهن جي ڪري عورتون ان موذي مرض جي ??لد تشخيص ۽ علاج نه ڪرائي سگهنديون هيون، آگاهي مهم جي نتيجي ۾ اها صورتحال هاڻي تبديل ٿي چڪي آهي. صدر چيو ته ٽي بي بابت ملڪ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ شهرين تائين پڻ پيغام پهچائڻ جي ??رورت آهي، ان سا?? وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ٽي بي جي مرض کان بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ماڻهن کي ٽي بي جي مريضن جي ??ريعي آگاهي ڏيڻي پوندي، پاڪستان ۾ گذريل سال پوليو جو رڳو هڪ ڪيس سامهون آيو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته هر سال ٽي بي جي مريضن ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته صحت ڪارڊ غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. قومي صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد، بلوچستان جي ??حت واري وزير احسان شاهه، قومي صحت واري وزارت جي ??وائنٽ سيڪريٽري محمد بشير کيتران، اداڪار فيصل قريشي ۽ ٻين شخصيتن پڻ تقريب کي خطاب ڪيو ۽ ملڪ ۾ ٽي بي جي ??اتمي جي لاءِ ڪئي ويندڙ حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪيو. صدر تقريب ۾ صحت جي ??عبي ۾ نمايان خدمتن تي مختلف شخصيتن کي شيلڊ ڏنيون.