ملتان – 07 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته پاڪ افغان سرحد خاردار تار لڳائڻ تي ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش آيون، شهادتون به ٿيون پر اها خاردار تار ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نش??ر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. پرڏيهي وزير ??يو ته وڏي عرصي کانپوءِ افغانستان جي معاملي تي مسلمان امت کي گڏ ڪيو جنهن جو مقصد افغان عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪو به ح??وم?? جي خلاف تحريڪ هلائڻ چاهي ٿو شوق سان هلائي اسان کي ڪو به خطرو نه آهي. پرڏيهي وزير ??يو ته ملتان ۾ ترقياتي منصوبن کي جلد پچاڻي تائين پهچايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته صحت ڪارڊ سان عوام کي طبي سهولتون بنا فرق جي فراهم ڪيون وينديون.