اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ن??شن?? سيڪيورٽي ڪورس 2022ع جي گري??وئ??شن تقريب جمعي تي ن??شن?? ڊفينس يونيورسٽي، اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي تقريب جو خاص مهمان هو. ان موقعي تي وفاقي وزير، سينيٽرز، سينئر حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسر به موجود هئا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري هڪ پريس رليز موجب گري??وئ??شن جي تقريب، ن??شن?? سيڪيورٽي ڪورس ??ي پڄاڻي تي منعقد ڪئي وئي جنهن جو آغاز 16 آگسٽ 2021ع تي ٿيو هو ۽ ان ۾ پاڪستان جي سول سروسز سان گڏ??گڏ هٿياربند فوج جي ميمبرن به شرڪت ڪئي، ان ڪورس ??و بنيادي مقصد ڪورس ??ي ميمبرن کي ”جامع قومي سلامتي“ جي تعمير ۾ قومي طاقت جي سمورن عنصرن جي گڏ??ل عمل کي سمجهڻ جي قابل بڻائڻ هو. خاص مهمان گري??وئ??ٽس کي خطاب ڪندي کين سندن ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قومي سلامتي بابت پيچيده ۽ پيشيوراڻي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل مهارتن سان ليس هجڻ کانپوءِ کين اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي جيڪو قوم کي درپيش خطرن ۽ چئلينجن جي خلاف قومي رد عمل کي تصور ڪرڻ جي لاءِ گهربل هجي، هن قومي سلامتي جي تصورن تي شرڪت ڪندڙن جي مهارتن کي نکارڻ ۽ قومي پاليسي سازن کي پاڪستان جي قومي سلامتي بابت مسئلن جي بهتر نموني ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي حوالي سان ن??شن?? ڊفينس يونيورسٽي جي خدمتن کي ساراهيو.