اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته رمضان شوگر ملز جي ملازمن جي نالي تي بي نامي اڪائونٽس ۾ 16 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ايف آءِ اي پا??ان چالان جمع ٿي چڪو آهي، فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايف آءِ اي پا??ان چالان جمع ٿيڻ کانپوءِ شهباز شريف تاريخن جي پويان لڪڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته شهباز شريف کي گهرجي ته وڪيلن جي ذريعي ??لتوا نه وٺي پر ٽرائل روزاني جي بنياد تي هلر??ئي.