اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار چيو آهي ته وفاقي ڪابينه ۽ پنجاب حڪومت پهريون ڀيرو ننڍي ۽ـ وچولي درجي ??ا ڪاروباري ادارن واري شعبي (ايس اي?? اي) لاءِ پاليسي منظور ڪئي آهي، ان شعبي ۾ 10 لک کان وڌيڪ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته لارج اسڪيل مينيوفيڪچرنگ ۾ 4 هزار مينيوفيڪچرنگ يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن، 78 سيڪڙو نوڪريون ايس اي?? اي سيڪٽر ۾ آهن. ايس اي?? ايز کي 3 درجن ۾ ورهايو ويو آهي، نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي اي?? او سي سان آزادي ملي وئي، ايس اي?? اي ڪاروبار ڪندڙن کي خاص مراعتون ڏينداسين. ايس اي?? ايز جي ??عبي ۾ ڪاروبار ڪندڙ عورتن کي ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو خاص رعايت ڏني ويندي، ان شعبي جي ماليات تائي?? پهچ لاءِ 23 ارب رپ??ا مختص ڪيا ويا آهن. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ايس اي?? ايز لاءِ 4200 ايڪڙ ايراضي مختص ڪئي وئي آهي جنهن تي 19500 پلاٽ آسان قسطن تي فراهم ڪيا ويندا. ايس اي?? ايز کي اي?? او سيز حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهي طريقيڪار کان نجات حاصل هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. مخدوم خسرو بختيار چيو ته وفاقي حڪومت پهريون ڀيرو ايس اي?? اي پاليسيءَ کي منظور ڪيو آهي، ان پاليسيءَ تحت پيداواري ڪاروبارن کي ٽيڪس ۾ 57 سيڪڙو کان 83 سيڪڙو تائين خاص ڇوٽ ڏني ويندي ته جيئن نه صرف پيداوار لاڳت گهٽ ٿئي پر پرافٽ مارجن به وڌي سگهي. پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 لک 20 هزار جي لڳ ڀڳ معاشي يونٽ موجود آهن جن مان 99 سيڪڙو يونٽ سمال اي??ڊ ميڊيم درجي ??ي ڪاروبارن تي ٻَڌل آهي. عوام جي معاشي، سماجي ۽ خوشحالي ۽ ملڪ جي مجموعي معاشي ترقيءَ ۾ انهن جو ڪردار تمام اهم آهي. هن چيو ته اهو ڪاروبار نه صرف روزگار جي فراهميءَ جو بنيادي ذريعو آهي پر جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو حصو ۽ روانگي واپار جو به 25 سيڪڙو حصو انهن ڪاروبارن تي اچي ٿو. ننڍين ۽ وڏين معاشي سرگرمين ۾ خاص اهميت رکڻ باوجود ماضي ۾ انهن ڪاروبارن جي ڀلائيءَ حڪومتي سطح تي ڪوششون نظر نه پيون اچن. هن جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت ڄاڻايل ڪاروبارن کي هر قسم جون مراعتون فراهم ڪري انهن کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. نيشنل ايس اي?? اي پاليسي 2021ع انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ان پاليسيءَ جو مرڪزي مقصد ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبار ڪندڙن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان پاليسيءَ تحت ايس اي?? ايز کي قيام کان وٺي مصنوعات ۽ خدمتن جي وڪري تائين هر قدم تي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ڪاروبار جي ??روعات جي ??وصله افزائيءَ لاءِ ايس اي?? اي لاءِ صنعتي زون ۾ 4200 ايڪڙو زمين جي ??اص الاٽمينٽ ڪئي ويندي. هن چيو ته غير رسمي ڪاروبارن تي ليبر قانون لاڳو نٿا ٿين جنهن سبب انهن جو سماجي ??حفظ تمام ڏُکيو ٿي ويندو آهي. نيشنل ايس اي?? اي پاليسيءَ تحت ان جي معاشي ڌارا ۾ شموليت آسان بنائڻ لاءِ نه صرف انهن تي ٽيڪس جي ??رح گهٽ ڪئي ويندي پر شفاف اي انسپيڪشن جو نظام به متعارف ڪرايو ويندو، جنهن سان انسپيڪشن آفيسرن جا صوابديدي اختيار گهٽ ٿي ويندا ۽ صنعتڪارن جي هراسگي جا امڪان نه رهندا. هن چيو ته ايس اي?? ايز جي مارڪيٽن ۽ صارفين تائي?? پهچ آسان بنائڻ لاءِ به اي ڪامرس، آن لائن بزنس ۽ مقامي ۽ عالمي نمائشن ۾ شموليت جي ??اص حوصله افزائي ڪئي ويندي، ان سان گڏوگڏ حڪومتي ڪانٽرڪٽس ۽ پبلڪ پروڪيورمينٽ ۾ ايس اي?? ايز جي وڌ کان وڌ شموليت لاءِ مخصوص ڪوٽا مختص ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪاروباري ماڻهن لاءِ اها پاليسي نهايت سٺو سنوڻ آهي. ايس اي?? ايز کي هٿي وٺرائڻ سان بيروزگاريءَ جي ??اتمي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي ۽ قوم ۽ ملڪ جي معاشي خوشحاليءَ جو به ضامن بڻجندي.