اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پور??ل تي شهرين جي داخلا جي انگ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران ماهوار انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، پاڪستان سٽيزن پور??ل تي شهرين جو تعداد 37 لک کان ٽپي ويو آهي، پنجاب مان 22 لک، خيبرپختونخوا مان 6 لک ۽ سنڌ مان 5 لک شهرين کي پاڪستان سٽيزن پور??ل تي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. بلوچستان مان 51 هزار جڏهن ته وفاق مان 77 هزار شهري رجسٽرڊ ٿيا، وزيراعظم آفيس موجب شهرين پاران پاڪستان سٽيزن پور??ل تي 4.4 ملي?? شڪايتون درج ڪيون ويون آهن، پاڪستان م??ن 42 لک ۽ اوورسيز پاڪستانين پاران 2 لک 15 هزار شڪايتون مليون آهن، پاڪستان سٽيزن پور??ل تي هن وقت تائين 40 لک شڪايتون اڪلايون ويون آهن، پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ڪارڪردگي تي 46 سيڪڙو شهرين اطمينان جو اظهار ڪيو آهي