تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغان عوام کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ معاونت ڪري، افغان عوام جي معاونت جي لاءِ منجمند اثاثا فوري طور تي بحال ڪيا وڃن. افغانستان جي حوالي ??ان پاڪستان ۽ ايران هڪ پيج تي آهن. افغانست??ن ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين ک?? هٿي ملندي. تهر??ن ۾ پنهنجي ايراني هم منصب سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي ??ان پاڪستان ۽ ايران جي موقف ۾ هڪ جهڙائي آهي، ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ هڪ پيج تي آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ايراني هم منصب سان ملاقات ۾ افغانستان ۽ علائقائي ص ورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻئي ملڪ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اسان افغانست??ن ۾ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. هن چيو ته افغانست??ن ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي عوام گذريل چار ڏهاڪن دوران جنگين مان تنگ ??چي چڪو آهي ۽ افغان عوام خاص طور تي امن ۽ استحڪام جي مستحق آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري افغانست??ن ۾ انساني بحران ک?? منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري. افغانست??ن ۾ امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين ک?? فروغ ملندو. هن چيو ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ منجمند اثاثا فوري بحال ڪيا وڃن.