اسلام آباد – په??ين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهت??ين مقر??ين خط??و ڏيندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين قبله اياز بهت??ين موضوع تي خط??و ڏنو آهي. مون ٻه سال اڳ ڪائونسل کي درخواست ڪئي هئي ته خطيبن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 52 سماجي موضوعن مثال طور سچائي، صد??و ۽ خيرات، همدردي وغيره شايع ڪيا وڃن، واضح رهي ته ايوان صدر جي جامع مسجد مان په??ين ڀيرو جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدرن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خط??و ڏنو. هن پنهنجي خط??ي ۾ عبادت سان گڏوگڏ روزمره جي معاملن جي بهتري ۽ حسن اخلاق جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ضرورتمندن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ احساس همدردي ۽ رحمي تي ٻڌل روين کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انصاف ۽ ايثار مديني جي رياست جي بنيادي اصولن ۾ شمار ٿيندا هئا، اڄ جي معاشري ۾ به ان کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان دنيا ۾ باوقار ۽ محترم قوم بڻجي سگهون، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.