نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلاموفوبيا سميت نسل پر??تي جي سڀني حاضر دور جي قسمن جي عروج ۽ پکيڙ خلاف ”عالمي اتحاد“ ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اهو مطالبو هن گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ ڊربن پڌرنامي ۽ پروگرام آف ايڪشن (ڊي ڊي پي اي) جي 20 هين سالگرهه جي حوالي سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻن ڏهاڪن کانپوءِ تاريخي دستاويزن نسل پر??تي، نسلي امتياز ۽ لاڳاپيل عدم رواداري کي منهن ڏيڻ لاءِ اڄ به هڪ جامع، نافذ العمل، عمل عا??مي فريم ورڪ آهي . پرڏيهي وزير چيو ته هي موقعو آهي ته 2001ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي شهر ڊربن ۾ نسلي پر??تي جي خلاف ٿيندڙ عا??مي ڪانفرنس جي نتيجن تي عمل??رآ??د تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو وڃي، هن چيو ته نسل پر??تي اسان جي گڏيل انسانيت جي نفي آ??ي، پرڏيهي وزير چيو ته نسلي نفرت، مذهبي بالادستي ۽ پر??شدد قومپرستي جو اظهار، سياسي ڌارا ۾ داخل ٿي چڪو آهي، هن چيو ته نيو نازي ازم ۽ ٻين پر??شدد قومپرست گروهن جي ٻيهر جنم وٺڻ کان وٺي سياستدانن جي نسل پر??تاڻي ۽ زينو فوبڪ روين تائين، وسيع پئماني تي اسلامو فوبيا ۽ م??لم??نن جي نسلي ڪردار ڪشي کان وٺي آ??ريقي نسل جي ماڻهن جي خلاف امتيازي شهريت جي قانونن تائين، سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن جي انساني وقار تي حملن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا وبائي بيماري ان منفي روين کي وڌيڪ تيز ۽ نسلي امتياز کي سگهه ڏني آ??ي ۽ موجوده عدم مساوات کي بگاڙيو آهي، پرڏيهي وزير نسلي عدم مساوات تي ضابطو آڻڻ جي غرض سان 4 نڪاتي تجويزون پيش ڪندي چيو آهي ته 1. غلامي جي ازالي لاءِ اخلاقي، معاشي، سياسي ۽ قانوني ذميدارين تي عمل??رآ??د ضروري آ??ي. 2. سڀني لاڳاپيل رياستن پاران مساوات کي يقيني بڻائڻ ۽ افريقي نسل جي ماڻهن ۽ امتيازي صورتحال کي منهن ڏيندڙ ٻين مظلوم نسلي ۽ مذهبي گروهن جي معاشي بهتري لاءِ ايڪشن پلان کي اختيار ڪيو وڃي. 3 لاڳاپيل ملڪن ۾ قانون لاڳو ڪندڙن جي ثقافت، پاليسين ۽ طريقن ۾ سڌارا ڪيا وڃن. 4 اسلامو فوبيا سميت نسل پر??تي جي سڀني عصري قسمن جي عروج ۽ واڌ جي خلاف هڪ عا??مي اتحاد بڻايو وڃي.