اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد سعيد الله جي ڊيپوٽيشن تي احتساب ??دا??ت راولپنڊي ??ي جج طور مقرري جي سمري منظور ڪري ورتي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي گريڊ 20 جي آفيسر خواجه شوڪت حسين جي خ??اف سول سرونٽ (اي اينڊ ڊي) رولز 2020 تحت ڪارروائي ڪرڻ جي سمري جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ٻئي طرف صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسسٽنٽ اٽارني جنرل II ڪوئيٽا نذر محمد جي اس??عي??يٰ منظور ڪري ورتي آهي.