اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي ٻن ترڪ شهرين ڊ??ڪٽ?? سلامي ڪليچ ۽ پروفيسر ڊ??ڪٽ?? جلال سويدان کي استنبول ۾ اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ ايوارڊز ڏنا. صدر عارف علوي ڊ??ڪٽ?? سلامي ڪليچ کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض ستاره امتياز سان نوازيو. ڊ??ڪٽ?? سلامي پاڪستان ۾ 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو هو. پاڪستان ۾ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڊ??ڪٽ?? سلامي ڊيره مراد جمالي ۾ هڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪئي هئي. هو مظفر ڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال قائم ڪرڻ ۾ به اڳتي رهيو. صدر پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض پروفيسر ڊ??ڪٽ?? جلال سويدان کي ستاره قائداعظم جي ايوارڊ سان نوازيو. هو استنبول يونيورسٽي ۾ اردو شعبي جو سربراهه آهي. ڊ??ڪٽ?? جلال پنهنجي ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ ترڪي زبان ۾ اردو ۽ اردو ادب جي فروغ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ڊ??ڪٽ?? جلال 20 ڪتابن جو ليکڪ آهي جڏهن ته قومي ۽ عالمي رسالن ۾ اردو ۽ ترڪيءَ ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. ڊ??ڪٽ?? جلال اقباليات جي شعبي ۾ پڻ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊ??ڪٽ?? جلال علامه اقبال جي لکڻين ۽ ارمغان حجاز، ضر?? ڪليم، بال جبريل، بانگ در ۽ اسلام ۾ مذه??ي فڪر جو ترڪ زبان ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي.