استنبول – 16 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، ترڪ واپا??ي ۽ سيڙپڪار پاڪستان ج?? ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻندي انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين ج?? کوٽائي، واپار، صنعت ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. صدر اهڙن خيالن ج?? اظهار ترڪي جي ناليوارين ڪمپنين ج?? ڪاروباري وفدن سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن استنبول ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صنعتي گروپن سان گڏوگڏ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت ۽ اليڪٽرانڪس سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ترڪ ڪمپنين ج?? چيئرمين/ سي اي اوز تي ٻڌل هو. شرڪت ڪندڙن زورلو انرجي، ارسيلڪ، ايڪزاڪاب هولڊنگ، ويريپارڪ، ٽوبيساد (ترڪ انفارميٽڪس انڊسٽري ايسوسيئيشن) ۽ ٻاهرئين اقتصادي لاڳاپا بورڊ جي ترڪي پاڪستان بزنس ڪائونسل (ٽي پي بي سي) شامل هئا. جيو اڪنامڪس تي پاڪستان ج?? ڌيان اجاگر ڪندي صدر پاڪستان ۾ سيڙپڪار دوست ماحول ۽ ڪاروباري برادري کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن طرف ڌيان ڇڪرايو. وفد جي مختلف ميمبرن صدر کي پنهنجي لاڳاپيل ڪاروبار ۽ ممڪنه منصوبن بابت پڻ ٻڌايو جيڪي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ شروع ڪري سگهجن ٿا، ترڪ واپارين پاڪستان کي پنهنجو ??وا??گي واپار وڌائڻ ۾ مدد لاءِ پنهنجي مهارت ۽ مشاورتي مدد جي آڇ ڪئي. وفد صدر کي پاڪستان ۾ موجود ترڪ سيڙپڪارن کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو جڏهن ته صدر انهن مسئلن ج?? جلد حل جي خاطري ڪرائي.