اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ ل??ءِ انٽرنيٽ ووٽنگ اڻٽر آهي، آءِ ووٽنگ نظام جي فول پروف سيڪيورٽي ل??ءِ جديد ترين ٽيڪ??ال??جي جو استعمال ڪيو وڃي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن آءِ ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪ??ال??جي جي ذيلي ڪميٽي جي 22 هين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪ??ال??جي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، آءِ ٽي جو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪ??ال??جي واري وزارت ۽ نادرا صدر کي آءِ ووٽنگ تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر عارف علوي چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ ل??ءِ آءِ ووٽنگ اڻٽر آهي، آءِ ووٽنگ نظام جي فول پروف سيڪيورٽي ل??ءِ جديد ترين ٽيڪ??ال??جي جو استعمال وڃي، هن هدايت ڪئي ته نادرا آءِ ووٽنگ نظام جي تياري ۾ ٽيڪنيڪي چئلينجز ختم ڪرڻ ل??ءِ مدد فراهم ڪري. اجلاس ۾ آءِ ووٽنگ جي نظام جي تياري ۾ تيزي آڻڻ، نگراني ڪرڻ ۽ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ل??ءِ ذيلي ڪميٽي جوڙڻ تي به اتفاق ڪ??و ويو. صدر آءِ ووٽنگ نظام جي تياري ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو.