جده – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته 90 ل?? ٻاهرئين م??ڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، پاڪستانين کي جلد نئين پاڪستان جي خوشخبري ??يان ٿو، مافيا کان ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جي جنگ ۾ اسان ڪامياب ٿينداسين، قانون جي بالادستي رکندڙ معاشرو ئي ترقي ڪندو آهي، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو، پاڪستان جي خوشحالي ۾ ٻاهرئين م??ڪ رهندڙن جو تمام گهڻو مثبت ڪردار ڏسي رهيو آهيان، پاڪستاني معيشت ج?? بهتري تي الله جا شڪرگزار آهيون. روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ۾ هر سال 9 ارب رپين جو خسارو ٻاهرئين م??ڪ رهندڙ پاڪستانين جي عطين سان پورو ٿئي ٿو، ان مان 40 سيڪڙو حصو سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جو آهي.