اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت هائيڊرو پاور منصوبن تي بنا رنڊڪ جي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي ه??ايت ڪئي ته ملڪي ??عيشت جي ترقي ۾ هائيڊرو پاور منصوبن جي اهم ڪردار کي نظر ۾ رکندي منصوبن بابت مسئلن کي ترجيحي بنيادن ??ي ختم ڪر?? ??ي خاص ڌيان ڏنو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ملڪ جي اهم هائيڊرو پاور منصوبن جي حوالي سان هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي دوران ڪيو جيڪو وزيراعظم جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.