اسلام آب??د ?? 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڏاهپ واري قيادت ۾ حڪومت اسلوب حڪمراني جي نظام ۾ ٺوس سڌارا متعارف ڪرائي رهي آهي، حڪومت اظهار جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، حڪومت ملڪ ۾ آزاد ۽ ذميوار ميڊيا جي فروغ جي لاءِ سهولتون فر??هم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي، معاشري جي واچ ڊاگ هجڻ جي ناتي ميڊيا جي ڪردار ??ي ساراهيون ٿا ۽ ميڊيا کي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ فروغ جي لاءِ لازمي سمجهون ٿا. هن اها ڳالهه جرمني جي عالمي نشرياتي اداري ڊوئچي ويلي جي ڊائريڪٽر جنرل پيٽر ليمبورگ سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.