لاهور- 21 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو مع??مل?? واري وفاق?? وزير محسن
نقوي،7/24 اوپن پاسپورٽ آفيس گارڊن ٽائون جو اوچتو دورو ڪيو. وفاقي
وزير پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آيل شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان پاسپورٽ
ٺهرائڻ واري عمل جي باري ۾ پڇاڻو ڪيو. پاسپورٽ ٺهرائڻ جي عمل تي
اطمينان جو اظهار ڪندي ش??رين چيو ته 24 ڪلاڪ پاسپورٽ آفيس کليل رهڻ
سبب بي پناهه رش ختم ٿي وئي آهي. وفاق?? وزير مختلف ڪائونٽرن تي ويو ۽
شهرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ڪجهه شهرين جا مسئلا موقعي تي حل
ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنا. ڪجهه شهرين علائقي ۾ ايجنٽ مافي?? جي شڪايت ڪئي.
وفاق?? وزير فوري طور نوٽيس وٺندي ايف آءِ اي کي اڄ ئي فوري ڪريڪ
ڊائون جو حڪم ڏنو. هن چيو ته شهرين کي سهولتون سڀ کان وڌيڪ عزيز
آهن. پاسپورٽ ملڻ ۾ دير جي شڪايتن جو ا??ال?? ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شهرين جو اعتماد منهنجي لاءِ اطمينان جو سبب آهي.