اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان انتهائي نتيجاخيز ڳالهه ٻ??لهه ٿي، سي پيڪ تحت اهم قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ۽ ان تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايڪس تي پنهنجي ??وسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته چين جي وزيراعظم سان ٿيندڙ ڳالهه ٻ??لهه ۾ سي پيڪ منصوبن جي وقت سر تڪميل تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، معيشت، زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي ڳالهه ٻ??لهه ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جي تزويراتي حصيداري ۽ اسان جي بنيادي مسئلن تي مفاهمت علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جو بنياد آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي تق??يب جي گڏيل صدارت ڪئي ۽ اهم مفاهمت جي يادداشتن جي دستاويزن جي مٽاسٽا واري تق??يب ۾ شريڪ ٿياسين جن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافو ٿيندو.