اسلام آباد – 03 آگ??ٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد افتخارالحسن جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغامن ۾ هنن سيد افتخارالحسن جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هنن سيد افتخارالحسن جي سياسي ?? سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان هن قانونسازي جي عمل ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي تڪ جي عوام جي بهترين انداز ۾ ترجماني ڪئي آهي.