اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسان??ت کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ڪجهه قومون پوءِ به پنهنجي مفادن جو سوچي رهيون آهن، اڪثر گهڻ رخي قومي ڪمپنيون مل??ن کان وڌيڪ طاقتور ٿي چڪيون آهن، عالمي دنيا پنهنجي مفادن بدران انسانيت جي مفاد ۾ فيصلا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته سٺو پاڙيسري هڪ نعمت هوندو آهي ۽ امن ۽ سلامتي جو دارومدار سٺن لاڳاپن تي ه??ندو آهي، ٻارن جي ذهنن ۾ امن ۽ محبت جو فروغ ضروري آهي.