اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي، روينيو ۽ اقتصادي معاملن واري صلاحڪار ??اڪٽر مف??اح اسماعيل ملڪي معيشت جي حالت کي بهتر قرار ??يندي چيو آهي ته هن سال اقتصادي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي جڏهن ته ناڻي واڌ 3 کان 4 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڊاڪٽر مف??اح اسماعيل ٻڌايو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران اوڳاڙين جي وصولي ۾ نمايان حد تائين اض??فو ٿيو آهي. هن چيو ته توانائي جا منصوبا پنهنجي مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ آهن، روانگي واپار، ناڻي واڌ ۽ سڌو سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اض??فو ٿي رهيو آهي، جنهن جي مدد سان مٽاسٽا جو ناڻو ملڪ ۾ اچي رهيو آهي.