لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ زرعي پيداو??ر جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ ويليوچ??ن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان احمد بوزدار، صوبائي وزيرن سيد حسين گرديزي، محمد سبطين خان، وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه زرعي پيداوار ۾ وزيرا??ظم جي ويزن موجب اضافي ۽ ويليو چينز جي فروغ جي حوالي سان تجويزن تي بريفنگ ڏني. وزيرا??ظم کي آبادگارن جي مالي مدد جي لاءِ آبادگار ڪارڊ جاري ڪرڻ تي به ??ريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت زرعي پيداو??ر جي صلاحيت ۽ معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ هر زرعي پروڊڪٽ جي ويليو چ??ن جي لاءِ ڌار ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙي.