اسلام آب??د – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز چ??و آهي ته مولانا فضل الرحمان تي اصولي تنقيد ڪندڙن کي پارٽي مان ڪڍڻ آمريت ۽ فسطائيت جي بدترين شڪل آهي، فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو ته جي ??و آءِ (ف) ۾ ڊڪٽيٽرشپ مڙهيل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز چيو ته پنهنجي پراڻي ساٿين جي ٿوري تنقيد برداشت نه ڪندڙن قوم کي ڏيکاري ڇڏيو ته اهي اندر ۾ ڪيترا جمهوري آهن. هن چيو ته ٻين کي اسلام جي مثالن جا حوالا ڏيندڙن کان پڇان ٿو ته ڇا اسلام ۾ سوال پڇڻ تي اهڙو ئي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو؟