اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته پارڪو کي ريفائنريز جو اضافو پيٽروليم جي شعبي جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪي سطح تي آئل ريفائنري جي صلاحيت ۾ بهتري سان مقامي سطح تي پيٽروليم مصنوعات ٺاهڻ جي صلاحيت حاصل ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارڪو پاران ڪوسٽل آئل ريفائنري لڳائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدا??ت ڪندي ڪيو.