اسلام آباد / گلگت – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان ۾ بلند سطح تي موجود ٻن نئين نيشنل پارڪس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پار??ن جاري پڌرائي موجب 3600 مربع ڪلوميٽر جي وڏي زمين تي ٻڌل اهي پارڪس گلگت بلتست??ن جي ڪل ايراضي جي 5 سيڪڙو حصي تي پکڙيل آهن. ”هماليه نيشنل پارڪ“ ۽ ”نانگا پربت نيشنل پارڪس“ اونچن علائقن جا منفرد ??اح??لياتي علائقا آهن جتي موجود جنگي جيوت ۾ ناياب ٻوٽا ۽ جنگي جانور شامل آهن، ا??هن ۾ سرفهرست برفاني چيتا، هماليائي ڀورا رڇ، لداخ اڙيال?? آئي بيڪس، مارخور ۽ ڀيڙ شامل آهن.