اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 74 هين آزادي جي ??هاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ آزادي جي ??هاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ??رشماتي قيادت ۾ پنهنجي بزرگن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو. هي ڏينهن اسان کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان پاڪستان جي بانين جي نظرين تي عملدرآمد جي عزم کي ورجايون ۽ تحريڪ پاڪستان جي تاريخي جدوجهد ۾ شامل سمورن ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪريون. صدر چيو ته ماضي جي ابتڙ آزادي جو ڏهاڙو هڪ مشڪل وقت ۾ ملهايو پيو وڃي ڇو ته پوري دنيا ڪوورنا وائرس کان متاثر ٿي آهي جنهن جا منفي اثر معيشت، صحت ۽ تعليم سميت سمورن شعبن تي پيا آهن. هن چيو ته وبا سان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن پر اسان ڏسون ٿا ته اسان جي قوم ان وبا تي سمارٽ لاڪ ڊائون ج?? شاندار حڪمت عملي تحت ضابطو آڻي ورتو آهي. هن چيو ته اسان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان احتياطي تدبيرن تي عمل جاري رکون. صدر چيو ته ماضي ۾ به اسان آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي سخت ٻوڏن جي مسئلن ڏنو آهي. هن چيو ته اڄ هن خوشي جي موقعي تي سمورن پاڪستانين جي ??وششن کي داد ڏيان ٿو جن قدرتي آفتن جي متاثرين جي مدد جي لاءِ ڀرپور يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. آزادي جي ??هاڙي جي تاريخي ڏينهن تي آئون پنهنجي ??اڪٽرن، نرسن، صحت جي شعبي جي ??ارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن پنهنجي ??ورونا وبا دوران پنهنجي زندگين کي خطري ۾ وجهي ماڻهن جون زندگيون بچايون آه??. و??يڪ اهو ته آئون ميڊيا، عالم سڳورن، اين ڊي ا??م اي، اين سي او سي، صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران آگاهي فراهم ڪرڻ ۽ ڪوويڊ 19 بابت ايس او پيز تي عملدرآمد جي ??ردار کي تسليم ڪريان ٿو. هن چيو ته احساس پروگرام مان واضح ٿئي ٿو ته جڏهن معاشري جي سمورن طبقن جي سهولت ۽ تحفظ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ته عوام متحد ٿئي ٿي.