اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي جي صدارت ۾ ڪورونا وبا جي پيش نظر محرم الحرام جي جلوس ۽ مجلسن جي دوران معياري آپريٽنگ طريقيڪار (ايس او پيز) جي تياري ۽ ڪووڊ 19 جي ازالي لاءِ رهنما اصولن تي عملدرآمد ۾ تعاون ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ جي مشهور شيعه عالمن جي فڪري ويهڪ ايوان صدر ا??لام آباد ۾ ٿي. جنهن ۾ محرم الحرام جي دوران جلوسن ۽ عزاداري جي لاءِ ايس او پيز تي اتفاق ??يو ويو، عالم سڳورن قومي يڪجهتي ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي وچ ۾ هم آهنگي برقرار رکڻ تي صدر جي ڪردار کي ساراهيو.